صادق فقير: توکان ٿيندر ڌار

صادق فقير: توکان ٿيندر ڌار

صادق فقير توکان ٿيندر ڌار

صادق فقير: توکان ٿيندر ڌار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري راڳي صادق فقير جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن، ليکڪن، شاعرن جي مضمونن ۽ منظوم خراج تي مشتمل آهي، جنهن کي ناليواري اديب اسحاق سميجي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾ زندگي نامو، مضمون/ تاثر محبت جي منظوم ڀيٽا ۽ تعزيتي نوٽ بڪ شامل آهن. ڪتاب ۾ ناليوارن اديبن، ليکڪن: عبدالواحد آريسر، نصير مرزا، اياز گل، مختيار ملڪ، نثار کوکر، علي دوست عاجز، مظهر لغاري، ايوب کوسو، علي آڪاش، مير حسن آريسر، خليل ڪنڀار، دودو چانڊيو، ضراب حيدر، رکيل مورائي، اشفاق لغاري، ساجد چانڊيو، تولارام سوٽهڙ، عاجز جمالي، ماڪن شاهه رضويءَ جا صادق فقير بابت مضمون شامل آهن، جڏهن ته اياز گل، ماڻڪ ملاح، خليل ڪنڀار، روبينا ابڙو، ادل سومري، گلشن لغاري، اسحاق سميجي، شوڪت چاچـڙ، علي دوست عاجز، بخشل باغيءَ پاران ڏنل منظوم ڀيٽا ڪتاب م شامل آهي. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن. 304 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 325 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو